سنڌ جي طبي تاريخ جلد پهريون

سنڌ جي طبي تاريخ جلد پهريون

سنڌ جي طبي تاريخ جلد ٻيو

سنڌ جي طبي تاريخ جلد ٻيو

سنڌ جي طبي تاريخ

سنڌ جي طبي تاريخ (ڪتاب): سنڌ جي طبي تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي هڪ شاهڪار ڪتاب آهي، جنهن کي حڪيم نياز حسن همايوني ’سنڌ جي طبي تاريخ‘ جي عنوان سان تحرير ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تمدن سان گڏوگڏ سنڌ جي اوائلي طب جي شروعات ۽ مختلف تاريخي دوران ۽ انهن دؤرن ۾ علم طب جي ظهور بابت هڪ تاريخي ماخذ آهي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ ٻن جلدن ۽ جملي 12 بابن تي مشتمل، سنڌ سائنس سوسائٽيءَ پاران 1976ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جلد پهرئين جي قيمت 20 روپيا ۽ جلد ٻئي جي قيمت 15 روپيا آهي. اهي ٻئي جلد 761 صفحن تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جو انتساب حڪيم نياز همايونيءَ، قديم سنڌ جي عظيم ويد ’واگهه پٽ‘ جي نالي ڪيو آهي، جنهن سشرٽ ۽ چرڪ کانپوءِ ’آير ويدڪ طب‘ کي نئين سر جيئاري انسانذات جي خدمتن عيوض پاڻ کي پنهنجي مادر وطن جيان سدا حيات بڻائي ڇڏيو. هن جي منڍ ۾ ’پيغام‘ ڊاڪٽر علي محمد انصاريءَ لکيو آهي، جيڪو اُن وقت سيڪريٽري وزارت سنڌ هو. ڪتاب جا ’ٻه اکر‘ ڊاڪٽر ايس. ايم. قريشيءَ جا لکيل آهن، جيڪو اُن وقت سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر هو ۽ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري پڻ هو. هن ڪتاب جو ’مهاڳ‘ نياز همايونيءَ پاڻ لکيو آهي.


لفظ سنڌ جي طبي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو